دل اندر درياوَ

دل اندر درياوَ

دل اندر درياوَ

دل اندر درياوَ (ڪتاب): ڪتاب ’دل اندر درياوَ‘ نالي واري ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌيءَ جي سمورين لکڻين جو ڪليات آهي، جنهن ۾ سندس ڪـهـاڻـيـن جا ٻه مجموعا، هڪ ناوليٽ، هڪ سفـرنـامـو، هـڪ شـعـري مجموعو، مضـمـونَ، قرة العين حيدر جي ڪهاڻين جو مجموعو (ترجمو) ۽ خط شامل آهن. ڪهاڻين جي پهرئين ڪتاب ’دل اندر درياوَ‘ (1980ع) جو مهاڳ نورالهديٰ شاهه جو لکيل آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ مدد علي سنڌيءَ جون 11 ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻين جي ٻئي ڪتاب ’هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾‘ ۾ ليکڪ جون 6 ڪهاڻيون شامل آهن، جڏهن ته ناوليٽ جو نالو ’هو جي مئا ماڳ ۾‘ آهي. مدد علي سنڌيءَ جو هن ڪليات ۾ شامل سفرنامو ’شهر صحرا ڀائنيان‘ 2003ع ۾ ڇپيو هو. ان جو مهاڳ- I، شوڪت شوري ۽ مهاڳ- II، تاج بلوچ جو لکيل آهي. مدد علي سنڌيءَ جي شاعريءَ جي مجموعي ’پنر ملن‘ جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ شايع ٿيو هو.
هن ڪتاب ۾ مدد علي سنڌيءَ جا 9 مضمون ۽ هڪ ايڊيٽوريل به شامل آهن. ان کان سواءِ قرة العين حيدر جي ڇهن ڪهاڻين جي ترجمي جو پهريون ڪتاب به شامل آهي، جيڪو 1982ع ۾ شايع ٿيو هو.
هن ڪتاب ۾ قرة العين حيدر جي لاڏاڻي تي مدد علي سنڌيءَ جو لکيل طويل تاثراتي ۽ تحقيقي مضمون ’ڪڙا ڪوٽ ڀڳياس ته ملڪ نه مارو ساڳيا‘ به ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ آخر ۾ مدد علي سنڌيءَ ڏانهن مشتاق احمد شوري، لعل پشپ، حميد جعفريءَ ۽ پروفيسر عبدالرحمان سيال جا خط، جڏهن ته مدد علي سـنڌيءَ جـا شـيخ ايـاز ڏانهـن ٻه ۽ ايـاز گل ڏانـهـن هڪ خـط به شامل آهي. ’دل اندر درياوَ‘، ڊيمي سائيز جي 1059 صفحن تي مشتمل آهي. ع. ق. شيخ جي چؤرنگي ٽائيٽل وارو هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري، 2008ع ۾ شايع ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 700 روپيا آهي.


لفظ دل اندر درياوَھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو